دُرن جي پير وارو دڙو

دُرن جي پير وارو دڙو (ماڳ): هي دڙو ديهه جلباڻي، تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. اصل ۾ هي ماڳ واري جي ڊرينهن/ دڙي هيٺ آهي. هتي ٺڪراٺو ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. هن دڙي جي ڀرسان هڪ قبرستان آهي، جنهن کي درن واري پير جو مقام چوندا آهن. هوائن لڳڻ سان هي دڙو ڪڏهن ڪڏهن پورجي به ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو